برائن بونڊ ڊاڪٽر

برائن بونڊ، ڊاڪٽر: شاهه لطيف جي راڳ تي تحقيق ڪندڙ آمريڪي محقق جو جنم آمريڪا جي شھر مونٽڪلير ۾ 3 ڊسمبر 1984ع تي ٿيو. سندس والد ڊيوڊ بونڊ پيانو ۽ گٽار وڄائيندڙ فنڪار هو. جنھن ڪري کيس ننڍپڻ کان ئي موسيقيءَ جي تربيت ملي. هن روٽرز يونيورسٽي نيو جرسيءَ مان، 2008ع ۾ بيچلر آف آرٽس ڪرڻ کانپوءِ تصوف ۽ موسيقيءَ بابت دنيا جي نامور مفڪرن، شاعرن ۽ صوفين جي فن، فڪر ۽ ڏات جو اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو. ھن شاهه جي فڪر، فلسفي ۽ شاعريءَ سان گڏوگڏ ”راڳ“ کي خاص طور پڙھڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪيو. ان ڏس ۾ هن سنڌ ۾ ڀٽ شاهه تي شاهه جي راڳ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ان بعد هي ڪڇ (انڊيا) ويو، جتي هِن اتي جي ريتن، رسمن، صوفي محفلن، درگاھن، مشاعرن، ڪچھرين، سياسي، سماجي توڙي مذھبي، علمي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪري، ڪڇي سماج تي، لطيف جي شاعري، راڳ، فڪر ۽ فلسفي جي اثرن بابت تحقيق ڪئي. ان دوران پاڻ ڪڇ گجرات جي سڪندر لنگها ۽ شبير لنگها کان سنڌي ٻولي ۽ ان جو مشھور ”ڪڇي“ لھجو به سکيو. ھن ڪڇ جي مشھور صوفي فنڪارن سومار قادو جت فقير ۽ مٺا خان جت فقير کان شاهه جي راڳ جي مڪمل تربيت حاصل ڪئي ۽ انھن سان گڏ مختلف محفلن ۾ راڳ ڳايو. اھڙيءَ ريت ھن شاھ جي راڳين جي صحبت ۾ ڪيترائي بيت به ياد ڪيا. سنڌي ٻولي سکڻ کانپوءِ ھن کي، شاھ لطيف جي راڳ تي تحقيق ڪرڻ ۾ سولائي ٿي. سندس تحقيق مطابق گجرات ۾ ڳالهائجندڙ انھن سمورن لھجن مٿان شاهه لطيف جي شاعريءَ جا وڏا اثر پيا آھن ۽ شاهه جي شاعري، سنڌ ۽ ھند جي اسڪولن کان وڌيڪ ڪڇ گجرات جي اسڪولن ۽ مدرسن ۾ پڙھائي وڃي ٿي. ڊاڪٽر برائن بونڊ فيبروري 2020ع ۾ آمريڪا جي دي سٽي يونيورسٽي آف نيويارڪ مان موسيقيءَ جي جديد شعبي ”ايٿنوميوزيڪالاجي“ ۾ شاهه عبداللطيف جي شاعري ۽ راڳ جي موضوع تي پي ايڇ. ڊي ڪئي آهي. ڊاڪٽر بونڊ آمريڪا ۾ 100 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شاھ لطيف ۽ ان جي فڪر بابت پڙھائي چڪو آھي، پر سندس ارادو اتي جي يونيورسٽين ۾، ”لطيفي راڳ“ جي نالي سان ھڪ جدا مضمون متعارف ڪرائڻ آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.12.03  عيسوي

شاهه لطيف جي راڳ تي تحقيق ڪندڙ آمريڪي محقق جو جنم آمريڪا جي شھر مونٽڪلير ۾ 3 ڊسمبر 1984ع تي ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنڊت شاناڪ سارنگ سنڌي
دليپ ڪوٺارِي
زاهده حنا
جَڳُل مهيسر
جيلاني ولايت شاهه سيد
ذوالفقار علي ڪلهوڙو
ڏيپلائي عبدالرحمان
انور
بودن فقير ڀنڀرو
اسلم خيرپوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون